ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ بند عدالتون بحال ڪرڻ جو حڪم

ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ بند عدالتون بحال ڪرڻ جو حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ بند عدالتون ٻيهر بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان حڪم کانپوءِ ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ ۾ عدالتون بحال ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ وزيرستان ۽ ٽانڪ جا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ سينيئر سول جج پنهنجي لاڳاپايل ضلعن ۾ جڊيشل ڪم ٻيهر شروع ڪن، ججن، عدالتن ۽ ججن جي گهرن کي سيڪيورٽي فراهمي کانپوءِ عدالتي ڪم بحال ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو