ڌاريجي سان چيني وفد جي ملاقات، سيڙپڪاري مامرن تي ڳالهيون

ڌاريجي سان چيني وفد جي ملاقات، سيڙپڪاري مامرن تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صنعت ۽ تجارت واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان چائنيز سيڙپڪارن جي هڪ وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 75 هين مثالي سفارتي لاڳاپن جي حوالي سان ڪيمپ آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ صوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 75 سالن جا سفارتي لاڳاپا گڏيل ڀروسي، پائيدار دوستي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ هڪٻئي سان گڏ بيهڻ جو روشن مثال آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي آهي، جنهن اقتصادي سهڪار، دفاع، واپار، تعليم ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ نوان رخ پيدا ڪيا آهن. خاص طور تي پاڪ-چين اقتصادي راهداري (اڪنامڪ ڪوريڊور) علائقائي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. پاڪستان ۽ چين جي هيءَ لازوال دوستي مستقبل ۾ به امن، استحڪام ۽ گڏيل ترقي جي سفر کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندي رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو