ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان جي ڪلاچي تحصيل ۾ قلم 144 تحت صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪرفيو دوران صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جي حرڪت تي پابندي هوندي، جڏهن ته ان عرصي دوران پوٽا ۽ هٿالا مارڪيٽون بند رهنديون.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪرفيو دوران شهرين جي حرڪت اجازت سان مشروط هوندي. ٻئي طرف، شهرين کي ڪرفيو دوران پنهنجا دستاويز پاڻ سان گڏ رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.










