ڊاڪٽرن جي غفلت، جناح اسپتال جي باٿ روم ۾ ٻار جي پيدائش

ڊاڪٽرن جي غفلت، جناح اسپتال جي باٿ روم ۾ ٻار جي پيدائش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جناح اسپتال ڪراچي ۾ مائي مريضہ پاران مبينا طور گائني وارڊ جي واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏيڻ جو واقعو پيش آيو آهي عورت ۽ سندس گهرڀاتين الزام لڳايو آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت ۽ عدم توجوهي جي ڪري 4 ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ عورت واش روم ۾ ٻار کي جنم ڏنو، ۽ ان دوران گهر جي عورتن سندس مدد ڪئي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ مريض عورت واقعو بيان ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ وڊيو ۾ اهو واش روم ڏيکاريو پيو وڃي جتي ٻار جي ولادت ٿي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميا وضاحتي بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته عورت جي ڊليوري ليبر روم ۾ ٿي، واش روم ۾ ٻار جي پيدائش واريون خبرون بي بنياد آهن. جي پي ايم سي (JPMC) جي ترجمان موجب، مريضہ ناديه زوجه اڪرم کي گائني ايمرجنسي ۾ اچڻ تي ڊيوٽي ڊاڪٽرن فوري طور تي اٽينڊ ڪيو ۽ سندس طبي معائنو ڪيو ويو. ڪلينڪل اسيسمينٽ کانپوءِ طبي ٽيم مريضہ جي صحت جي بهترين مفاد ۾ نارمل ڊليوري جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ رات جو 2 بجري 50 منٽن تي ليبر روم جي اندر هڪ صحت مند ٻار جي ولادت ٿي. اسپتال جي پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو ته واش روم ۾ ڊليوري بابت دعوائون حقيقت تي ٻڌل ناهن، معائني دوران مريضہ ۾ ڪجهه هاءِ ريسڪ طبي پيچيدگيون، بشمول پليٽليٽس جي ڪمي ۽ ٻيا غير معمولي ليبارٽري پيراميٽرز مليا هئا، جنهن ڪري کيس سخت طبي نگرانيءَ ۾ رکيو ويو هو. پر، بعد ۾ وارث مريضہ کي طبي مشوري جي خلاف پاڻ ئي اسپتال مان کڻي ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته ايمرجنسي ٽيم سڄي رات انتهائي متحرڪ هئي ۽ ٻين ڪيترن ئي تشويش جوڳن ڪيسن، بشمول سيزيرين سيڪشنز (سي سيڪشن) ۽ بلڊ ٽرانسفيوژن (رت چڙهڻ) جي ڏيک بھال ڪري رهي هئي. ٻئي پاسي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي جي هدايت تي واقعي جي سمورن پهلوئن جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ حقيقتن جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ اڳلو لائحہ عمل طئي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو