ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ 75 رپين جو يادگار نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل يادگاري نوٽس ۾ قائداعظم محمد علي جناح، علامه محمد اقبال، سر سيد احمد خان ۽ فاطمه جناح جون تصويرون لڳل آهن.مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته يادگاري نوٽس تي تصويرون تحريڪ پاڪستان جي ڪوششن جي اعتراف ۾ جاري ڪيون ويون آهن.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته يادگاري نوٽ جي پٺي تي مارخور جي تصوير پائيدار ماحول تي ڌيان ڏيڻ جي عڪاسي آهي.










