رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ هڪ امدادي اداري جي شڪايت تي ايئرپورٽ پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جتي امدادي فنڊ جي ورڇ دوران دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب اٺ عورتون فوت ٿي ويون. ڪيس ۾ حادثي جو ذميوار ڊيوائس ايجنٽ کي قرار ڏنو ويو آهي.ڊي پي او عرفان سمون موجب ڪيس ۾ هڪ خانگي ڪمپني جي ريٽيل ڊيوائس ايجنٽ سميت 5 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي.متن موجب، جوابدار دڪان جي ڇت تي پئسا ورهائڻ ۾ مجرمانه غفلت ڪئي، جوابدار جي مجرمانه غفلت جي ڪري ڇت ڪرڻ سبب عورتون فوت ۽ زخمي ٿيون.ڊي پي او عرفان سمون جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني ويندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن رحيم يار خان ۾ هڪ خانگي تنظيم جي ريٽيل ايجنٽ ذريعي امدادي فنڊ جي ورڇ دوران هڪ دڪان جي ڇت ڪري پئي هئي.هڪ دڪان جي ڇت ڪرڻ سبب اٺ عورتون فوت ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيون.










