ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي گرل فرينڊ ريا چڪرورتي جلد بالي ووڊ فلمن ۾ نظر ايندي.ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هدايت ڪار ۽ ليکڪ رومي جعفري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اداڪاره ريا چڪرورتي جلد بالي ووڊ ۾ ايندي.رومي جعفري ٻڌايو ته مون تازو ئي رياچڪرورتي سان ملاقات ڪئي آهي، هوءَ هاڻ ڪافي خاموش ٿي وئي آهي، هن گهڻو نه ڳالهايو.










