ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي 11 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا انگلينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ پهچي وئي آهي. ڏکڻ آفريڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 29.1 اوور ۾ 181 رنز ٺاهيون. ڏکڻ آفريڪا جي پهرين وڪيٽ 11 رنز تي تئين اوور ۾ ڪري جڏهن اوپنر ٽراسٽين اسٽبز بنا رن ٺاهن جي جوفرا آرچر جي بال تي بولڊ ٿيو، جنهن بعد ٻيو اوپنر ريان رڪلٽن 27 رنز ٺاهي پاور پلي ۾ ئي 47 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ريسي وين در دسن ۽ هينري ڪلاسن اسڪور اڳتي وڌايو ۽ 180 جي آسان هدف جو حصول ممڪن بڻايو. ڪلاسن وننگ اسٽروڪ ي چڪر ۾ عال رشيد جي بال تي ثاقب هٿان ڪيچ ٿيو، 11 چوڪن جي مدد سان 56 بالن تي 64 رنسون ٺاهيون. جنهن بعد ڊيوڊ ملر آيو ۽ وننگ استروڪ کيڏي ميچ کٽي ورتي. ملر 7 ۽ وين ڊر دسن 72 تي ناٽ آئوٽ رهيا. مارڪو جانسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جنهن 39 رنز تي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ 2 ڪيچ به پڪڙيا. گروپ سطح جو آخري ميچ سڀاڻي دبئي ۾ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. گروپ بي ۾ ڏکڻ آفريڪا 5 پوائنٽن سان ٽاپ تي آهي. انگلينڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف 179 رنسن تي ڍير ٿي ويو،ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي ڏکڻ آفريڪا خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو،انگلش ٽيم جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ هئي ۽ وڪيٽون ڪرنديون رهيون، پر روٽ، آرچر ۽ بين ڊڪٽ مزاحمت ڪئي. انگلينڊ جي پوري ٽيم 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي،روٽ 37، آرچر 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. جانسن ۽ ملڊر 3-3 وڪيٽون ورتيون ۽ مهاراج ٻه وڪيٽون ورتيون.










