چارجر ۽ ايئر بڊز  نه ڏيڻ سان ايپل کي ڪيترو فائدو ٿيو؟

چارجر ۽ ايئر بڊز  نه ڏيڻ سان ايپل کي ڪيترو فائدو ٿيو؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايپل آڪٽوبر 2020 ۾ اعلان ڪيو هو ته آئي فون 12 سيريز جي ڊوائيسز سان چارجر ۽ ايئرفون يا ايئر بڊز فراهم نه ڪندي، ان وقت کان وٺي اهو سڀني فونن ۾ دستياب ناهي.اهو قدم اسان جي ڌرتي جي ماحول کي نقصانڪار گيسن کان بچائڻ جي ڪوشش جو حصو قرار ڏنو ويو هو. پر اهو جانچڻ تمام ڏکيو آهي ته اهو زمين جي ماحول لاءِ ڪيترو سٺو ثابت ٿيو، پر اها ڪمپني لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو ثابت ٿيو آهي. ايپل جي باڪس ۾ ايئرفون ۽ چارجر رکڻ ۾ ناڪامي باڪس جي سائيز کي گهٽائي ڇڏيو ۽ ڪمپني لاءِ هڪ وقت ۾ وڌيڪ آئي فون موڪلڻ ممڪن بڻائي ڇڏيو. ان قدم سان سالياني بنيادن تي 2 ملين ميٽرڪ ٽن گھٽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿي، پر رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ان قدم سان ايپل جي آمدني ۾ 6.5 بلين ڊالر (11 کرب پاڪستاني روپين کان وڌيڪ) جو اضافو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو