اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پرڏيهي کاتي جي ترجمان اربع ڏينهن والاريل ڪشمير جي تفريحي مقام تي 26 سياحن جي قتل تي افسوس ظاهر ڪندي سندن پونئرن سان عذر خواهي ڪئي آهي. اسين “سياحن جي جانين جي نقصان تي اسانکي ست ڳڻي آهي”. هي حملو ڦلگام جي سياحتي مقام تي هڪ ڏينهن اڳ پيش آيو هو. هي علائقو هڪ خوبصورت ۽ مسلمانن جي اڪثريت وارو علائقو آهي. جتي هر اونهاري ۾ هزارين سياح ايندا آهن. گذريل ڪجهه سالن کان هتي تشدد ڀرين ڪارواين ۾ گهٽتائي آئي آهي. اي ايف پي کي سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ 26 ماڻهو مارجي ويا، جيڪو علائقي ۾ 2000 کانپوءِ عام ماڻهن تي ٿيل سڀ کان خوني حملو آهي. دي هندو جي رپورٽ موجب، مارجي ويلن ۾ هڪ نيوي آفيسر ۽ پرڏيهي سياح به شامل هئا. حملي بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾، پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت خان هڪ بيان ۾ چيو: “اسان اننتناگ ضلعي ۾ ٿيندڙ حملي ۾ سياحن جي جانين جي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا، جيڪو ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ واقع آهي.” هن وڌيڪ چيو: “اسان مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ٿا ڪريون.”










