ڀارت جو نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار، ٽرافي ميدان مان واپس

ڀارت جو نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار، ٽرافي ميدان مان واپس

دبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم راندين جي جذبي کي ٽوڙي ڇڏيو، ايشيا ڪپ کٽڻ کان پوءِ انهن ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه محسن نقوي کان ٽرافي وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. بي سي سي آءِ سرڪاري طور تي اي سي سي کي ٽرافي نقوي کان وٺڻ کان انڪار ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو، ٽرافي کي ميدان مان واپس گهرايو ويو. مودي حڪومت ۽ هندستاني بورڊ جي اشتعال انگيزيءَ تي محسن نقوي به هندستاني ٽيم جي ضد جي سامهون ثابت قدم رهيو، هندستاني ضد کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، محسن نقوي اسٽيج تي موجود رهيو، رنر اپ ٽيم کي انعام ڏنا، تقريب ٽرافي ڏيڻ کان سواءِ ختم ٿي وئي. هندستاني رانديگرن تلڪ ورما، ڪلديپ ياديو ۽ اڀيشڪ شرما پنهنجا انفرادي ايوارڊ وصول ڪيا پر ڪپتان ٽرافي نه ورتي. ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي ايڪس تي ڪيل پوسٽ ۾ ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي لکيو ته راند جي ميدان ۾ به آپريشن سندور ڪامياب رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو