واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پارلياماني سفارتي وفد جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان سڀني معاملن تي ڳالھه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن اڳ ۾ نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن بعد واشنگٽن ۾ آمريڪي پارليامينٽيرنز۽ ٿنڪ ٽئنڪس ملاقاتون ۽ مختلف فورمز کي خطاب ڪيو ۽ انٽرنيشنل ميڊيا کي انٽرويوز ۾ پاڪستاني موقف پيش ڪيوجنهن بعد آمريڪي دوري جي پڄاڻي تي هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارت تڪراري معاملن تي ڳالهين کان لنوائڻ لاءِ مختلف بهانا بڻائي رهيو آهي. پاڪستاني سفارتي مشن لنڊن ۽ برسلز به ويندو. هن چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، ڀارت سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڀارت جا جيڪي به خدشا آهن، اهي اسان سان شيئر ڪري ته جيئن اسان انهن کي حل ڪري سگهون. ان ئي طرح اسان وٽ به ڪجهه مسئلن جي فهرست آهي، جيڪي اسان چاهيون ٿا ته ڀارت انهن کي حل ڪري. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت سان ڳالهين ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، جيڪو حل ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ڪشمير ۾ دهشتگردي جي اصل وجهه به اها ئي آهي. ڀارت جيترو ان مسئلي کي نظرانداز ڪندو ۽ پنهنجي ظلم جي پاليسي جاري رکندو، ان جو ردعمل بدقسمتي سان دهشتگرد تنظيمون ڀرپور طريقي سان استعمال ڪنديون ۽ اهڙيون ڪارروايون ڪندا، تنهن ڪري اسان ضروري سمجهون ٿا ته ان مسئلي جي جڙ کي حل ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته ڀارت 24 ڪروڙ ماڻهن جو پاڻي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته اوهان به ان جي مذمت ڪريو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت سان نئين سر ڳالهين جو عمل شروع ٿيو ته اسان نوان معاهدا به ڪري سگهون ٿا، پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته پراڻن معاهدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، ته جيئن هڪ ٻئي تي اعتماد قائم رهي. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث آهي، ڀارتي نيوي جو آفيسر ڪلڀوشن ياديَو بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو. هن چيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، 24 ڪروڙ پاڪستانين جو پاڻي روڪڻ ڀارت جي جارحيت آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان تڪرار ۾ پاڪستان جو موقف مضبوط آهي، ڇو ته اسان پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاءِ شفاف رهيا آهيون، اسان ميڊيا ۽ پنهنجي ماڻهن سان به شفاف رهيا آهيون، ۽ پنهنجن اتحادين سان به شفاف رهيا آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته ان صورتحال ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ آمريڪا جا پنهنجون پنهنجون دعوائون آهن، ٻه هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ هڪ ڌر ڪا ٻي ڳالهه ڪري رهي هئي. پارلياماني وفد جي سربراهه چيو ته ڀارت نه رڳو تڪرار دوران ڊس انفرميشن پکيڙي، پر اڃا تائين پنهنجي سفارتي وفد جي ذريعي اهو سلسلو جاري رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت پهلگام واري دهشتگردي واري حملي بابت پنهنجي عوام ۽ عالمي برادري سان ڪوڙ ڳالهايو. بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت اڃا تائين نه ٻڌايو آهي ته دهشتگرد ڪير هئا، ۽ اڃا تائين اهو به قبول ناهي ڪيو ته ان تڪرار ۾ انهن جا ڪيترا جهاز تباهه ٿيا. اسان هنن جا 6 جنگي جهاز ڪيرايا آهن.










