ڀارت سان مقابلي لاءِ پاڪستاني ٽيم سريلنڪا پهچي وئي

ڀارت سان مقابلي لاءِ پاڪستاني ٽيم سريلنڪا پهچي وئي

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ لاءِ سريلنڪا پهچي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ کانپوءِ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون ملتان کان خصوصي اڏام ذريعي ڪولمبو لاءِ رواني ٿي چڪيون هيون.پي سي بي موجب ٽيم 3 وڳي چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي روانو ٿي هئي، ڪولمبو کان ٽيم بس ذريعي ڪنڊي ويندي.واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 2 سيپٽمبر تي پالي ڪلي ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته نيپال جي ٽيم ڀارت سان 4 سيپٽمبر تي آمهون سامهون ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو