ڀارت جو جنگي جهاز فني خرابي سبب تباه، پائلٽ محفوظ

ڀارت جو جنگي جهاز فني خرابي سبب تباه، پائلٽ محفوظ

نئين دلي(م ڊ) ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز  مگ 27 راجستان جي اترين علائقي ۾ آچر  جي صبح جو  معمول جي اڏام دوران فني خرابي سبب ڪري تبا ھ ٿي ويو. ڀارتي اخبار “دي ٽائمس آف انڊيا” مطابق تباه ٿيل جنگي جهاز اترلائي  ايئر بيس تان سفر شروع ڪيو جيڪو ڪجھھ مفاصلو طئي ڪرڻ کان پو۽  انجڻ فيل ٿيڻ ڪري  اجل جو شڪار ٿي. واضح رهي ته 8 مارچ تي به ڀارت جو هڪ مگ 21 نالي  جنگي  جهاز  راجستان ۾ ڪري تباھ ٿيو هو ۽ انڊيا جو  ٽن هفتن دوران هي ٻيو  هوائي جهاز راجستان ۾ ڪري تباھ ٿيو آهي. تباه ٿيل جهاز جو پائلٽ محفوظ رهيو . جهاز ڪرڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ياد رهي ته ڀارتي پائلٽ جنگي جهازن ۾ غيرمعياري پرزن جي استعمال جي شڪايت ڪندا رهيا آهن ۽ ان بابت بالي ووڊ مووي پڻ ٺاهي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو