نئين دلي(م ڊ) ڀارتي هوائي فوج جو جنگي جهاز مگ 27 راجستان جي اترين علائقي ۾ آچر جي صبح جو معمول جي اڏام دوران فني خرابي سبب ڪري تبا ھ ٿي ويو. ڀارتي اخبار “دي ٽائمس آف انڊيا” مطابق تباه ٿيل جنگي جهاز اترلائي ايئر بيس تان سفر شروع ڪيو جيڪو ڪجھھ مفاصلو طئي ڪرڻ کان پو۽ انجڻ فيل ٿيڻ ڪري اجل جو شڪار ٿي. واضح رهي ته 8 مارچ تي به ڀارت جو هڪ مگ 21 نالي جنگي جهاز راجستان ۾ ڪري تباھ ٿيو هو ۽ انڊيا جو ٽن هفتن دوران هي ٻيو هوائي جهاز راجستان ۾ ڪري تباھ ٿيو آهي. تباه ٿيل جهاز جو پائلٽ محفوظ رهيو . جهاز ڪرڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ياد رهي ته ڀارتي پائلٽ جنگي جهازن ۾ غيرمعياري پرزن جي استعمال جي شڪايت ڪندا رهيا آهن ۽ ان بابت بالي ووڊ مووي پڻ ٺاهي وئي هئي.
مشهور خبرون










