اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) حڪومت کان پيٽروليم ليوي تي 300 ارب رپين جي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ پلان طلب ڪري ورتو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران 300 ارب رپين جي پيٽروليم ليوي جي شارٽ فال جو خدشو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ليوي جي مد ۾ 300 ارب جي شارٽ فال کي پورو ڪرڻ لاءِ پلان طلب ڪري ورتو، ليوي ۽ پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي مد ۾ 850 ارب رپيا حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو، خدشو آهي ته اهو هدف حاصل نه ٿيندو.ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف کي ليوي شارٽ فال پورو ڪرڻ جو پلان نه ڏنو ۽ پنهنجي جواب ۾ چيو ته ليوي شارٽ فال 50 ارب تائين ٿي سگهي ٿو.ذريعن موجب پيٽروليم شين جي استعمال ۾ گهٽتائي سبب ليوي ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي، جنهن کي مختلف ذريعن کان گڏ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي.










