پيٽروليم ليوي ختم ۽ قيمت 250 روپيه في ليٽر مقرر ڪرڻ جو مطالبو

پيٽروليم ليوي ختم ۽ قيمت 250 روپيه في ليٽر مقرر ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان سموري ملڪ ۾ پيٽروليم ليوي ختم ۽ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 250 روپيه مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي پنهنجي بيان ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 22 روپيه نه پر فوري طور تي 122 روپيه گهٽتائي جي ضرورت آهي.هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن انهي لاءِ عوام کي به انهي جو مڪمل رليف ملڻ گهرجي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم ليوي جو مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. حڪومت پيٽرول جي قيمت کي 250 روپيه في ليٽر جي سطح تي بحال ڪري، جيڪڏهن حڪومت ايندڙ 2 سالن جي لاءِ 250 روپيه في ليٽر کي وڌ کان وڌ قيمت قرار ڏئي ڇڏي ته معيشت ۾ تيزي ايندي ۽ آمدني جا حدف به پورا ٿيڻ لڳندا.جماعت اسلامي جي امير چيو ته ٽيڪس جمع ڪرڻ جي لاءِ پيٽروليم ليوي جو استعمال عوام جي کيسي تي ڌاڙو آهي ۽ معيشت جي بربادي جو سامان به. هن چيو ته توانائي جي بلند لاڳت ڪاروباري سرگرمين، صنعت ۽ عام شهرين تي اضافي بار وجهي رهي آهي جنهن جا اثر سموري معاشي نظام تي جڙيل هوندا آهن.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي آءِ ايم ايف کي واضح انڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومي مفاد ۾ اهڙا فيصلا ڪرڻ گهرجن جنهن سان عوام کي سڌو سنئون رليف ملي سگهي. حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو ته جماعت اسلامي مهانگايئ ۽ قيمتن ۾ اضافي جي خلاف پنهنجي تحريڪ جاري رکندي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاريندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو