ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا به وڌي ويا آهن.روزانو سفر ڪندڙ شهري ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ سان سخت متاثر ٿيا آهن.ٽرانسپورٽ انتظاميا موجب لاهور کان مانسهره جو ڀاڙو 2700 کان وڌي 3000 رپيا ۽ لاهور کان مظفر ڳڙهه جو ڀاڙو 2500 کان وڌي 3000 رپيا ٿي ويو آهي.انتظاميا جو چوڻ آهي ته لاهور کان سرگوڌا جو ڀاڙو 1000 کان وڌي 1500 رپيا ۽ لاهور کان فيصل آباد جو ڀاڙو 1100 کان وڌي 1500 رپيا ٿي ويو آهي.مسافرن جو چوڻ آهي ته مهانگائي اڳ ئي زندگي ڏکيو ڪري ڇڏي آهي، حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته اهي عوام کي ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.










