پيٽروليم شين جا ذخيرا ججهي  مقدار ۾ آهن: محمد اورنگزيب

پيٽروليم شين جا ذخيرا ججهي مقدار ۾ آهن: محمد اورنگزيب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته هن وقت پيٽروليم شين جا ڪافي ذخيرا موجود آهن.سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي کي ملڪ جي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.ناڻي واري وزير چيو ته وزيراعظم پيٽروليم شين جي نگراني لاءِ هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي آهي.هن چيو ته ڪميٽي روزانو بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، اهم فيصلا فوري طور تي ڪيا ويندا، پيٽروليم جا ذخيرا مارچ جي آخر تائين موجود آهن.هن چيو ته پيٽروليم شين جي فراهمي کي منظم ڪيو ويندو. توانائي جي بچت لاءِ به قدم کنيا ويندا.محمد اورنگزيب اهو به چيو ته جيڪڏهن علائقائي تڪرار جاري رهيو ته ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. آءِ ايم ايف مشن جي روانگي سندس ادارتي فيصلو هو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو