لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ مهيني لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 80 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڄي خطي ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، ۽ عام ماڻهو لاءِ نوان رستا سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته قومي وسيلا محدود آهن، اڄ عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن، ۽ هو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان ۾ عام ماڻهو ڪيئن رهي ٿو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افراط زر دنيا جي طاقتور معيشتن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي.










