’پي ٽي آءِ تشدد ۽ حڪومت انساني حقن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن‘

’پي ٽي آءِ تشدد ۽ حڪومت انساني حقن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪن‘

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان تحريڪ انصاف جي مظاهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پرامن احتجاج ڪن۽ تشدد کان پاسو ڪن. هفتيوار بريفنگ دوران هن ساڳئي ساهي ۾ چيل جملي ۾ پاڪستان جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪري. آمريڪا طرفان اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن پي ٽي آءِ جو احتجاجي قافلو بشرا بي بي جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جنهن دوران ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ پر تشدد جهڙپون ٿيون آهن جن م ٻنهي پاسن کان جاني نقصان جا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو