ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ائيرپورٽس اٿارٽي ملڪ جي غير فعال (بند پيل) ائيرپورٽن کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذرائع موجب، پي اي اي (PAA) جي ڊائريڪٽر جنرل ائير وائس مارشل ذيشان سعيد جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ائيرپورٽ سروسز، انجنيئرنگ سروسز ۽ ڪمرشل ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊيرا اسماعيل خان، تربت، دالبندين ۽ سيدو شريف جي ائيرپورٽن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان سان گڏوگڏ سکر ۽ نيو گوادر سميت ٻين ائيرپورٽن جي بحاليءَ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. ذرائع جو چوڻ آهي ته دفاع واري وزارت پي اي اي کي سمورن ائيرپورٽن کي فوري طور تي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ هڪ نئين نجي (پرائيويٽ) ائيرلائن هلائڻ جي حوالي سان به غور ڪيو ويو.










