دادو(ن سنڌيار)دادو شھر جي ماروي ڪالوني۾ گذريل رات دير سان پوليس جي ھڪ گھر تي چڙھائي عابد علي شاھاڻي کي پوليس پنھنجي گھر مان گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ کڻي گم ڪري ڇڏيو جنھن جي گرفتاري خلاف سندس وارث دادو پريس ڪلب پھچي نٽھڻ اس ۾ نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو مظاھرين جو چوڻ ھو ته پوليس زبردستي گھر ۾ داخل ٿي ڌڻي بخش شاھاڻي جي گھر ۾ داخل ٿي سندس نوجوان پٽ عابد علي کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ کڻي وئي آھي پوليس گھر اندر ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ گھر ڀاتين کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال ڪيو مظاھرين وارث علي طارق علي ۽ اظھر علي شاھاڻي۽ ٻين جو وڌيڪ چوڻ ھو ته آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ دادو پوليس جي ڪماني ايس ايس پي دادوڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي آزاد ڪري وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي جڏھن ته پوليس جي ڪنھن به آفيسر پاران وارثن کي مظاھري دوران ڪابه يقين ڌياني نه ڪرائي وئي بعد ۾ مظاھرين پوليس خلاف نعريبازي ڪندا پريس ڪلب کان رونا ٿي ويا.










