پنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، جلسن ۽ جلوسن تي پابندي

پنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، جلسن ۽ جلوسن تي پابندي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو،ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن واقا رچيما جي صدارت هيٺ ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کان علاوه ضلعي جي آفيسرن ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي.ڊي سي راولپنڊي اعلان ڪندي چيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ قلم 144 3 ڏينهن تائين لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا اضافي انتظام ڪيا ويندا.اعلان موجب راولپنڊي ۾ هر قسم جي عوامي ميڙ، جلوس ۽ ريلي تي پابندي لڳائي وئي آهي، عوامي ميڙ ۽ ٻين تقريبن تي به ٽن ڏينهن لاءِ پابندي هوندي، پابندي 8 کان 10 نومبر تائين لاڳو هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو