پنجاب، پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 گهربل دهشتگرد گرفتار

پنجاب، پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 گهربل دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيمن جي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار دهشتگردن ۾ اياز خان، ياسين، سليم ۽ اسد شامل آهن.اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي ۽ القاعده سان آهي، سندن گرفتاريون ملتان، راولپنڊي ۽ سرگوڌا مان ڪيون ويون.هن چيو ته جوابدارن وٽان ڌماڪيدار مادو، هٿيار ۽ خودڪش ويسٽ ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي 419 ڪومبنگ آپريشن ڪري 94 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو