لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سي ٽي ڊي هڪ مهيني دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 366 آءِ بي او آپريشن ڪيا، جن ۾ 36 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا. سي سي ڊي ترجمان چيو ته انٽيليجنس بيس آپريشن دوران 36 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا. سي سي ڊي ترجمان موجب، آپريشن لاهور، قصور، جهلم، چکوال، اوڪاڙه، خانيوال، راولپنڊي، چنيوٽ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، راجن پور، سيالڪوٽ، جهنگ، اٽڪ، ساهيوال ۾ ڪيا ويا، جنهن ۾ فيصل آباد ۽ جهلم مان فتنہ الخوارج جي 2 خطرناڪ دهشتگردن کي ڌماڪيدار مواد سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته دهشتگردن کان ڌماڪيدار مواد، عيد بم، 5 ڊيٽونيٽر، 34 حفاظتي فيوز تار، 61 فوٽ پمفليٽ ۽ نقد رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.










