پنجاب ۾ 3 فلورملز تي ڇاپا 17 هزار ٻوريون ڪڻڪ هٿ

پنجاب ۾ 3 فلورملز تي ڇاپا 17 هزار ٻوريون ڪڻڪ هٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٻوڏ بعد هر شئي جيان اٽو به مهانگو ٿي ويو آهي، حڪومت قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾شيخوپور ۾ 3 فلور ملز تي ڇاپو هڻي غير قانوني طور اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ جون ساڍيون 17 هزار ٻوريون هٿ ڪيون ويون. ايڊشنل ڊپٽي ڪمشنر موجب شيخوپوره ۾ شرق پور ۽ نارنگ منڊي ۾ 3 ملن تي ڇاپو هنيو ويو. هن ٻڌايو ته ڇاپن دوران ڪڻڪ جون ساڍيون 17 هزار ٻوريون هٿ ڪيون ويون، جن مان 10 هزار بوريون فلور ملن کي واپس ڪيون ويون آهن. ڊي سي وڌيڪ ٻڌايو ته ڪڻڪ سرڪاري اگهه 3 هزار رپيا في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪئي وئي، باقي ڪڻڪ به فلور ملن کي سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪئي ويندي. ياد رهي ته گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس مقرر نه ڪرڻ ۽ حڪومت پاران خريداري نه ڪرڻ سبب هارين کي اربين روپين جو نقصان ٿي هو، آڙهتين هارين کان 2200 روپيا مڻ ڪڻڪ خريد ڪري اسٽاڪ ڪئي هئي. هن وقت پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ ڪڻڪ 5 هزار روپيا مڻ به وڪري جون خبرون شايع ٿيون آهن. مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته شيخوپوره ۾ جن فلور ملز تي ڇاپا هنيا ويا، اهي مسلم ليگ جي سياسي مخالفن جون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو