مورو (ن سنڌيار)قومي شاھراھ تي سپر المدينه ھوٽل سامھون ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ LET8695 ڊرائيور کي ننڊ جو جهوٽو اچڻ سبب تيز رفتاري سبب سندسن ڪنٽرول مان نڪري وڻ سان ٽڪرائجي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 15 مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن کي رضاڪارن ايڌي ايمبولينس ۾ مورو اسپتال پھچايو ۽ اتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏني ۽ وڌيڪ زخمين کي نواب شاھ ريفر ڪيو ويو. زخمين ۾ جاويد فيضان ،غلام حسين، خالد ، سھيل احمد ڪلھوڙو، عبدالرحمان ڪلھوڙو، عبدالستارڪلھوڙو، نفيس احمد، علي حمزه،سجاد، ادريس، ارسلان، جھانگير، ۽ مھراڻ کي نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو جڏھن ته موقعو ملندي ڪوچ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويو ان موقعي تي معمولي زخمين ٻڌايو ته ڪراچي کان صادق آباد وڃي رھيا ھئا سين ته مسافر ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ اچي وئي جنھن سبب واقعو پيش آيو ٻئي پاسي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪوچ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.










