لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ تحريڪ لبيڪ جي معاملي تي ڳالهيون نه ڪرڻ تي هنگامو ڪيو ۽ ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. پيپلز پاٽي به پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي ريمارڪس خلاف واڪ آئوٽ ڪيو.رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 3 ڪلاڪ 42 منٽن جي دير سان ڊپٽي اسپيڪر ظهير اقبال چنڙ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت، نعت رسول مقبول صه ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي. اجلاس ۾ پاڪ افغان جنگ ۾ پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهيد ايس ايڇ او سردار غضنفر علي لنگا جي ڀاءُ ميان مرغوب جي گهر واري جي روح کي ايثال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.اپوزيشن اڳواڻ پنجاب اسيمبلي معين رياض قريشي ايوان ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته اوهان سڀني جو ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اڄ پنجاب سڙي رهيو آهي، اڄ پنجاب جي اندر امن امان جي صورتحال خراب آهي، هر طرف لاڪ پيل آهن. ڪالهه مريدڪي ۾ رت جي راند کيڏي وئي، اسان جي چيئرمين سيکاريو جتي ظلم ٿئي رهيو هجي اتي مظلوم جو ساٿ ڏيو، اسان جو سياسي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر اسان ظلم جي خلاف بيٺل هونداسين، خدا جي لاءِ اوهان ماڻهن جيئن به حڪومت ٺاهي اڄ پنجاب جي عوام اوهان طرف ڏسي رهي آهي، ڪو ته هجي جيڪو اسان جي آواز ٻڌي. مان درخواست ڪريان ٿو ته خدارا هن ملڪ تي رحم ڪريو.معين رياض قريشي چيو ته خيبرپختونخواهه تمام گهڻو حساس صوبو آهي اتي جنهن جي اڪثريت آهي انهي کي حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي. اڄ سمورا حڪومتي واپار معطل ڪري پنجاب ۾ امن امان تي ڳالهايو وڃي.پارلياماني معاملن واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ايوان ۾ ڳالهيون ڪندي چيو ته تحريڪ لبيڪ کان درخواست ڪريون ٿا ته اهو ڪو طريقو نه آهي، اسان تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون. هڪ مذهبي تنظيم کي انتشار پکيڙڻ نٿو سونهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي جي ماڻهن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هڪ انسپيڪٽر شهيد ٿي چڪو آهي اهو طريقيڪار صحيح نه آهي. انهي واقعي کي اپوزيشن 9 مئي سان نه ملائي، 9 مئي تي پاڪستان تي حملو ڪيو ويو هو، هندستان جيڪو ڪرڻ چاهيو ٿي اهو انهن 9 مئي تي هتي ڪري ڇڏيو. مذهبي پارٽي جهڙي طرح پنجاب ۾ ڪارروائي شروع ڪئي ته انهي سان ماڻهو تنگ آهن. پنجاب حڪومت طرفان تحريڪ لبيڪ کان درخواست ڪنداسين ته اهو ڪو طريقيڪار نه آهي اوهان امن امان خراب ڪري رهيا آهيو، معاملا بهتر طريقي سان حل ڪريو.مجتبيٰ شجاع الرحمان چيو ته مذهبي سياسي پارٽي سان ڳالهائڻ چاهيون ٿا، جهڙي طرح پوليس ۽ سيڪيورٽي ايجنسي تي حملا ڪيا پيا وڃي انهي ۾ ايس ايڇ او شهيد ٿيو، پنجاب اسان جو آهي اڄ ماڻهو اسپتال، اسڪولن ڪاليجن ۾ وڃڻ کان قاصر آهن، پرتشدد طريقن سان مذهبي تنظيمن کي اها ڳالهه نٿي سونهي.مجتبيٰ شجاع الرحمان وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي بند ڪيو هو تڏهن به انهن جي 12 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو انهن جي رت جا نشان ڪٿي ڳوليو؟ اسان معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا.حافظ فرحت عباس چيو ته جهڙي طرح اوهان نظام هلائي رهيا آهيو اهڙي طرح نه هلندو، اسان فوج سان بيٺل آهيو پر انهي سان گڏوگڏ اهو به مطالبو ڪريون ٿا ته هر ادارو پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪري، اهو نٿو ٿي سگهي ته اوهان هر شيءَ ۾ مداخلت ڪريو، جڏهن اوهان جو روزگار ڦرينداسين، انصاف نه ملندو ۽ جڏهن ڪاروبار ٺپ ٿي ويندو تڏهن خبر پوندي اڄ جيڪي حالتون آهن انهن جو ذميوار ڪير آهي، هر شيءَ جيان هن واقعي جا ذميوار به اهي ئي ماڻهو نڪرندا.اپوزيشن اڄوڪو ايجنڊا معطل ڪري پنجاب ۾ تحريڪ لبيڪ جي خلاف آپريشن تي ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ منظور نه ٿيڻ تي اپوزيشن هنگامو ڪندي لاٺي گولي ڪي سرڪار نهين چلي گي، شرم ڪريو حيا ڪريو عمران خان کي آزاد ڪريو جا نعرا لڳايا. اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ ڪيو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون.پارلياماني معاملن واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪئي ته هنن جو اڳواڻ خاتم النبين نٿو چئي سگهي هي اسان کي اسلام جو درس ڏين ٿا، انهي تي اپوزيشن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.پ پ اڳواڻ ممتاز علي چانگ ايوان ۾ تقرير ڪندي چيو ته اسان حڪومت جو حصو آهيون پر اسان کي حڪومت کان خدشا آهن، ميڊيا جي ذريعي اسان کي خبر پئي ته پنجاب جي وزيراعليٰ چيو پنجاب به منهنجو، پئسا به منهنجا، اڻي به منهنجو، اسان وزيراعليٰ جي بطور هڪ عورت جي طور تي عزت ڪندا آهيون پر انهي جي اها ڳالهه غلط هئي. اسان اسيمبلي ۾ جائز ڳالهيون ڪندا آهيون پر اسان کي غلط ڳالهايو پيو وڃي. اسان جي پارلياماني اڳواڻ کي طالبان کان خطرو آهي پر انهي جي سيڪيورٽي واپس ورتي وئي، اسان کي سڌو انتقام جو نشانو بنايو پيو وڃي. حالانڪه اسان انهن جا اتحادي آهيون.ممتاز علي چانگ چيو ته اسان جي اڳواڻن قربانيون ڏنيون آهن اوهان انهي جو مقابلو ڪريو ٿا، 2022 ۾ اسان عدم اعتماد ۾ اوهان جو ساٿ ڏنو اسان سان انتقامي ڪارروائي نه ڪريو، اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان اصولن جي ڳالهه ڪنداسين، اسان چاهيون ٿا ته بلدياتي اليڪشن ٿئي اليڪشن سمورن ميمبرن جي انهي بل بابت خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. اسان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون، جيستائين اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ويندا اسان هن ايوان جو حصو نٿا بڻجي سگهون. اهو چئي پيپلز پارٽي به پنجاب اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري وئي.










