لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گرفتاري روڪڻ جي درخواست رد ڪندي آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس سرفراز ڊوگر پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن خلاف اڳوڻي وڏي وزير جي پٽ راسخ الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پرويز الاهي جي گرفتاري روڪڻ جي درخواست منظور نه ڪندي آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪندي پرويز الاهي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 8 مئي تي ٿيندي.










