اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت ڪيترن ئي جوابدارن کي نيب ريفرنسز مان آزاد ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت II جي جج علي وڙائچ رينٽل پاور پروجيڪٽس تحت داخل 3 ريفرنسز تي فيصلو ٻڌايو، عدالت رينٽل پاور پروجيڪٽس تحت داخل شرقپور، ڀڪي ۽ ڪارڪي شپ ريفرنسز تي فيصلو ٻڌايو، پرويز اشرف سميت 11 جوابدارن کي ڪارڪي شپ ريفرنس مان آزاد ڪيو ويو آهي.ڪارڪي شپ نيب ريفرنس ۾ 22 ارب رپين جي ڪرپشن جو اندازو لڳايو ويو هو.ڪارڪي ڪمپني پاڪستان خلاف 200 ارب رپين جي نقصان جو دعويٰ به داخل ڪيو.واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين سميت 6 جوابدارن کي ڀڪي پاور پروجيڪٽ شيخوپوره ريفرنس ۾ ڪيس مان آزاد ڪيو ويو آهي. ڀڪي پاور پروجيڪٽ 96 ارب رپين جي ماليت جو منصوبو هو.احتساب عدالت شرقپور پاور ريفرنس ۾ جوابدارن کي ڪيس مان به آزاد ڪري ڇڏيو آهي.










