پاڻي، بجلي بحران، روزگار ۽ وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاج

پاڻي، بجلي بحران، روزگار ۽ وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاج

ٺٽو ( ڊر ) ٺٽي ضلعي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي بحران، روزگار ۽ وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اعلانيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ ٻئي ڏينھن تي قومي عوامي تحريڪ يونٽ ٻھارا طرفان ھڪ احتجاجي ريلي ٻاٻڙا ھوٽل کان مين گيٽ تائين قومي عوامي تحريڪ يونٽ ٻھارا جي صدر جاويد پليجو، ٺٽي ضلعي جي سينيئر نائب صدر حبيب الله پليجو، ضلعي اڳوان علي محمد ھولاڻي، تعلقي ڪيٽي بندر جي صدر شفيع محمد ميمڻ، يونٽ ساڪرو جي اڳواڻ مرتضا لاشاري جي اڳواڻي ۾ ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاء شديد نعريبازي پڻ ڪئي ويئي. جنھن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو آھي ته ٺٽي ضلعي اندر روزانو 2 ھزار ميگا واٽ بجلي ٺھي ٿي پر ضلعي ٺٽي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ آهي سنگين بجلي بحران برقرار آھي. ڪٿي ڪٿي بجليءَ ناھي ھنن چيو ڪينجھر ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ آهي پر پاڻيءَ جي کوٽ جي کوٽ پيدا ٿيل آھي. ٺٽي ۽ مڪلي شھرن ۾ پاڻي جو ڏڪار آھي ماڻھون پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء پريشان آھن. ونڊ ملز ۽ ٻئين صنعتي تجارتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو ويو غير مقامين کي ڀرتي ڪري مقامي ماڻھن جي حق تلفي ڪئي پئي وڃي اڳواڻن ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ سرڪار کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته ضلعي ٺٽي جا تمام بنيادي مسئلا حل ڪري عوام کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي. ٻيءَ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. ان موقعي تي غفور سومرو، نواز ھولاڻي، مقبول خليفو، ڪامريڊ صديق پليجو، احمد شاھ، مٺن پليجو، سهراب خان بلوچ، جميل لاشاري منظور لاشاري، سراج پليجو، صوفي يوسف سنڌي سميت ٻين ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو