حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ۽ سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ اولڊ ڪيمپس کان پرس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، عزرا رند، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر سجاد بروھي، فدا محمداڻي، سرمد جاگيراڻي، رحمت الله ڇڄڻ، موھن لعل، رميش لعل، موتي رام، مڪيش ڪمار، احسان بلوچ، مختيار جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ تي يوسف لاشاري، باغي مصطفي سمون ڊاڪٽر لالچند ڊاڪٽر رامسنگ، وڪيو لاشاري، علي اڪبر کوسو، اشوڪ ڪمار، سائين بخش خاصخيلي، سالار لاشاري، گيانچند ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. نندو ۾ محمد حسين درس، ڀيمون سولنڪي، گل محمد ملاح، عبدالرسول ملاح، علي رضا ڇلگري، قربان ڇلگري، الله بخش ملاح، رازق ڇلگري، چندو ڪولھي، عامرو ڪولھي، ڪيلاش ڪولھي، نظير احمد ملاح، گل نواز سرڪي، آبادگار لالا نواز ۽ ٻين، ڄامشورو ۾ ستار لھر، مقصود جھتيال ايڊووڪيٽ غزير ڪنڀر، مختيار علي لھر ۽ ٻين، مٺي ۾ نيشنل بئنڪ کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي شاهنواز هنڱورجو، دانش پرمار، سبحان بجير ، پرشوتم پرمار، آتم راٺوڙ، سريش ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. شھدادپور ۾ ڊاڪٽر آتم ڀيل، محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري، صدام کوسو، حسن کوسو، نارو ڀيل، رئوف باگراڻي راجيش ڪمار، مٺو ڀيل علي حسن خيرشاهي، ڪامل جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. نصيرآباد ۾ ضمير مغيري، حفيظ تونيو، انعام الله ڪانڌڙو، رمضان شيخ، آصف علي گاڏهي ،حنيف تونيو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. دادو ۾ فياض چانڊيو، ساجد علي سوڍر، ديدار کوسو، افظل بروهي، خادم سولنگي، نديم ڀنڊ نادر ڀنڊ، عابد لاشاري، عبدالوحيد کوھارو، امتياز لغاري منير احمد بروھي، اشرف کوسو ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ڏھرڪي ۾ عوامي هوٽل کان جامع مسجد تائين ريلي ڪڍي وئي. تراب خان شر، محبت علي سميجو، ارشد سنڌي عبدالحسين شر ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. وارھ ۾ ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، معشوق مرکنڊ، ديدار سنڌي ۽ مجيب سرتاج چانڊيو، غلام مصطفی بروھي، دودو خان خاصخيلي، ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيڪسي اسٽاپ کان عوامي پريس ڪلب تائین ريلي ڪڍي وئي. ڊگھڙي ۾ محمدي چوڪ تي شوڪت نوحاڻي، عبدالمجيد ٻگهيو، ارباب نوحاڻي، ڪرڙ رٻاري، انور نوحاڻي، مقصود ڀرڳڙي، بابو نوحاڻي،منير نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٿاڻو بولا خان ۾ مٺل گبول، لياقت گبول جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي عبدالستار لؙھر، زاڪر گرگيز، مقصود جھتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻيلو شهر ۾ جبار ٻجورو، مشتاق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ٻنون ۾ زين سومرو، نظام پليجو، جواد سومرو بابن شورو، واحد پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. بٺورو ۾ يوسف ڪنڀار، پنھل سولنگي، الھڏنو ڀرڳڙي، غلام رسول سولنگي، علي رضا خاصخيلي، امير بخش ملاح، سجاد ڪنڀار جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شاھ عنايت شهيد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. خانپور ۾ ظفر علي چنا، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، سيد واجد علي شاھ، نھال ڀنڀرو، آغا فھد خان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڏيپلو ۾ زاهد گل، عبدالقادر، گلزار، آچار ڀيل، نظام الدين، عمر علي، عبدالجبار، محمد زمان، مشتاق احمد، سلمان جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پنجاب سيد سئو سالن کان سنڌو درياءَ تي ھڻي رھيو آھي. پيپلز پارٽي حڪومت ۾ اچي سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن وقت پاڻي جو وزير پ پ جو خورشيد شاھ آھي پر سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نڪو ڏنو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيل ڪئنال بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 85 سيڪڙو پيدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي صورتحال ڳنڀير بڻجي وئي آهي. زرعي پاڻي پري جي ڳالھ، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي بہ فراهم نہ پيو ٿئي، جانور اڃ وگهي مري رهيا آهن م فصل تباھ ٿي رھيا آهن. زمينون ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿي ويون آھن. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري سمنڊ تيزي سان وڌي زير زمين ڄامشورو تائين پهچي ويو آهي. ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو آهي. سنڌ سان پاڻي معاملي تي مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آهن، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پارليامينٽ بہ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب 150 سالن کان سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، چشما جھلم، تونسا پنجند ۽ ٿل ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن، جنھن ذريعي سنڌ جو پاڻي 12 مھينا چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حصي جو پاڻي نہ ڏئي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. سڄي سنڌ ۾ لکين آباد زمينون بنجر ٿي ويون آھن. انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جيڪو پاڻي موجود آھي، ان تي پنجاب جو قبضو آھي، عالمي قانون تحت پاڻي تي پھريون حق پڇڙي وارن جو آھي پر افسوس جو سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ سنڌي قوم جي معاشي تباھي سان گڏ سمنڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھنڪري ننڍا آبادگار، پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي فورن پاڻي ڏنو وڃي. درياھ جي پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙي وارن جو آهي, ڪوٽڙي بئراج کي حصي جو پاڻي ڏيو تہ جيئن لاڙ تباھي کان بچي سگھي.










