ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي هدايتن تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاران ضلعي ڪياماڙي سائيٽ ايريا سيمينس چورنگي ۽ ضلعي ويسٽ نادرن باءِ پاس مواجڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي غير قانوني طور پاڻي چوري ڪندڙ جوابدارن نالي محمد خالد ولد حميد، اسرار ولد حسين ۽ وقار ولد محمد يونس، کي ٽينڪر نمبر TAP 681، TKZ 782، TKB 137، TTB 348، TLY 728، TMG 281، TTC 656 سميت گرفتار ڪري لاڳاپيل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ جوابدار غير قانوني طور واٽر بورڊ جون لائينون ٽوڙي انڊر گرائونڊ واٽر ٽينڪن ۾ پاڻي گڏ ڪري ۽ تلاءَ ۽ کڏن ۾ گڏ ٿيل آلوده ۽ غيرصحتمند پاڻي ٽينڪرن ذريعي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا هئا، ان موقعي تي صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ چيو تہ شھرين جي حصي جو پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وڌائي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن، کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪندي آپريشن جو دائرو شهر جي مختلف علائقن تائين وڌايو ويندو.










