پاڪستاني سئنيما هلائڻي آهي ته ڀارتي فلمون ڏيکارڻ گهرجن: قريشي

پاڪستاني سئنيما هلائڻي آهي ته ڀارتي فلمون ڏيکارڻ گهرجن: قريشي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيصل قريشي پاڪستاني سئنيما جي رونق بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو منطق پيش ڪري ڇڏيو.اداڪار فيصل قريشي هڪ خانگي پروگرام جو مهمان هو، جتي ميزبان شوبز انڊسٽري ۽ اداڪار جي زندگي بابت ڳالهيون ڪيون.اداڪار کان پاڪستاني سئنيما جي بحاليءَ بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي فيصل قريشي جواب ڏنو ته ”مان محب وطن ماڻهو آهيان، پر جيڪڏهن توهان پاڪستاني سئنيما کي هلائڻ چاهيو ٿا ته اهو تمام ضروري آهي ته توهان وٽ بالي ووڊ جون فلمون هلائڻيون پونديون،هن چيو ته مون کي خبر آهي ته اسان جا ماڻهو پاڪستان ۾ بالي ووڊ فلمون ڏسڻ چاهين ٿا ان ڪري اسان مٿن پنهنجي مرضي مسلط نٿا ڪري سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو