پاڪستان ۾ 64 سيڪڙو سرڪاري ادارن جو آڊٽ نه ٿيڻ جو انڪشاف

پاڪستان ۾ 64 سيڪڙو سرڪاري ادارن جو آڊٽ نه ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اهو انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ 64 سيڪڙو سرڪاري ادارن جا آڊٽ مڪمل نه ٿيا آهن.ناڻي واري وزارت جي دستاويزن موجب، تقريبن 36 سيڪڙو سرڪاري ادارن آڊٽ مڪمل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ڪيترائي عبوري انگن اکرن تي ڪم ڪري رهيا آهن. سرڪاري ادارن ۾ اربين رپين جا فيصلا اندازن ۽ مفروضن تي ٻڌل آهن.ناڻي واري وزارت جي هڪ رپورٽ موجب، حڪومت دير سان يا نامڪمل آڊٽ جي ڪري مالي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، جيڪو ادارن جي نجڪاري ۾ به رڪاوٽ بڻجي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو