پاڪستان ۾ 52 سيڪڙو صاف توانائي حاصل ٿئي پئي، لغاري

پاڪستان ۾ 52 سيڪڙو صاف توانائي حاصل ٿئي پئي، لغاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توانائي جي وزير اويس لغاری جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو شمسي انقلاب دنيا لاءِ هڪ نمونو بڻجي چڪو آهي. 17 گيگا واٽ سولر پينلز درآمد ڪري پاڪستان ايشيا جي تيزي سان وڌندڙ شمسي توانائي جو مارڪيٽ بڻجي چڪو آهي.
اسلام آباد ۾ ايشيا انرجي سمٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته 17 هزار ميگاواٽ سولر پينلز عوام پاڻ نصب ڪيا آهن، اڄ پاڪستان 52 سيڪڙو بجلي صاف توانائي کان پيدا ڪري رهيو آهي، هي تاريخي سنگ ميل آهي.
اويِس لغاري جو چوڻ هو ته نيٽ ميٽرنگ اصلاحات سان نظام مضبوط ٿيو ۽ صارفين جو اعتماد وڌيڪ بهتر ٿيو، سيلاب، گرميءَ جي لهرن ۽ خشڪ سالين خطي کي صاف توانائي تي منتقلي لاءِ مجبور ڪري رهيا آهن.
وفاقي وزير چيو ته اين ٽي ڊي سي جي تنظيمِ نو سان گرڊ آپريشنز ۽ پروجيڪٽ مينيجمينٽ ۾ بهتري ايندي، صاف ۽ سبز توانائي قومي ترجيح آهي، ان کان سواءِ معيشت مستحڪم نٿِي ٿي سگهي، عالمي توانائي سفارتڪاري تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، ايشيا کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ايشيا جي ملڪن ۾ سالانه 300 ارب ڊالر جو موسمياتي نقصان رڪارڊ ٿي رهيو آهي، تجديد پذير توانائي ۾ ايشيا 900 سيڪڙو اضافي سان اڳواڻ آهي، ڊي ڪاربانائيزيشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ ڊي سينٽرلائيزيشن جي حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته سمارٽ ميٽرز ۽ آءِ سي ٽي اپ گريڊيشن جديد سمارٽ گرڊ جو بنياد رکڻ ۾ مددگار آهن، ڊسڪوز جي نجڪاري ۽ سرڪلر ڊيٽ ۾ گهٽتائي اسان جون بنيادي ترجيحون آهن، ايشيا توانائي منتقلي جو مرڪز آهي، دنيا جي 48 سيڪڙو انرجي استعمال ان ئي علائقي ۾ ٿئي ٿي.
اويِس لغاري اهو به چيو ته بلوچستان جي ٽيوب ويلز کي سولرائز ڪري پاڻي ۽ توانائي ٻنهي بحرانن جو حل ڳولي رهيا آهن، پنهنجو ميٽر پنهنجي ريڊنگ ايپ کان صارفين کي مڪمل بااختيار بڻايو ويو آهي، پاور سيڪٽر کي مڪمل طور تي ڊجيٽل، شفاف ۽ صارف دوست بڻائي رهيا آهيون، پاڪستان 2035 تائين 90 سيڪڙو بجلي صاف ۽ سبز توانائي کان حاصل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو