اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي رهيا آهن.پاڪستان ۽ چين وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.چيني پرڏيهي وزير ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، ملاقات ۾ علائقائي صورتحال سميت ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيني پرڏيهي وزير جي پاڪستان آمد تي ڀليڪار ڪيون ٿا.هن چيو ته پاڪستان جا چين سان پراڻا لاڳاپا آهن ۽ چين جي غير مشروط حمايت تي شڪر گذار آهيان.بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته پاڪستان ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪري ٿو، چين هر عالمي فورم تي پاڪستان جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان هر عالمي فورم تي چين جي مفادن جي حمايت جاري رکندو.سندس چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف چين سان گڏجي منصوبا شروع ڪيا، وزيراعظم شهباز شريف چين سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.










