نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مِسري تصديق ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ مڪمل جنگبندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جيڪا ڀارتي وقت موجب شام پنجين وڳي کان لاڳو هوندي. نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪلندي وڪرم مسري ٻڌايو ته پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز( ڊي جي ايم او ) اڄ منجهند ٽِين لڳي 35 منٽ تي ڀارتي هم منصب سان رابطو ڪيو، جنهن دوران ٻنهي پاسي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته”هن معاهدي تحت زميني، هوائي ۽ سامونڊي حدن ۾ مڪمل طور جنگبندي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 12 مئي تي ٻيهر ڳالهيون ٿينديون.










