پاڪستان ۽ ايراني وزيرن جو رابطو، تازي صورتحال تي ڳالهيون

پاڪستان ۽ ايراني وزيرن جو رابطو، تازي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي موجب، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسحاق ڊار تڪرار گهٽائڻ جي سڀني ڪوششن لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو.ترجمان چيو ته اسحاق ڊار مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. ڳالهه ٻولهه دوران، ٻنهي اڳواڻن جاري ترقي کي نظر ۾ رکندي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو