پاڪستان کي ڊالر جي مٽاسٽا واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: آءِ ايم ايف

پاڪستان کي ڊالر جي مٽاسٽا واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پيريز چيو آهي ته پاڪستان کي ڊالر جي مٽا سٽا واري پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي آهي.ڳالهائيندي ايستر پيريز چيو ته پاڪستان سان نظرثاني لاءِ ڳالهيون هاڪاري طور تي هلي رهيون آهن، جنهن دوران پاڪستان جي اقتصادي آئوٽ لِڪ جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جي اقتصادي آئوٽ لِڪ جو ٻيهر جائزو ورتو پيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان کي مختلف اقتصادي ڊيٽا جي نئين سر وضاحت ڪرڻي پوندي، مالياتي نظم و ضبط ۽ خساري تي ضابطي لاءِ هدفن جو ٻيهر جائزو وٺڻو پوندو، پاڪستان کي ڊالر جي مٽاسٽا جي شرح پاليسي تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.ايسٽر پيريز چيو ته پاڪستان کي ستين ۽ اٺين جائزي لاءِ مختلف هدف مڪمل ڪرڻا آهن، توانائي سڌارن بابت ستين ۽ اٺين جائزي تحت مقرر ڪيل هدفن تي عمل ڪرڻو آهي.آءِ ايم ايف جي نمائندي وڌيڪ چيو ته هو پاڪستان سان ڳالهيون جاري رکڻ چاهين ٿا، هو ٻوڏ متاثرن جي انساني ضرورتن کان آگاهه آهن، پاڪستان سان ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پاليسين، اندروني ۽ ٻاهرين ادائيگين تي ڳالهيون ٿيون آهن. پاڪستان. تنهنڪري فنانسنگ کي ذهن ۾ رکڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو