لاهور (ويب ڊيسڪ)آخري ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي. آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگز 227 رنسن تي 3 وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 351 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو پر قومي ٽيم راند جي آخري ڏينهن تي 235 رنسن تي ڍير ٿي وئي. راند جي آخري ڏينهن پاڪستان 73 رنسن کان بغير ڪنهن نقصان جي پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي پر پهرين سيشن ۾ عبدالله شفيق 27 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جنهن کانپوءِ اظهر علي گهڻو وقت پچ تي نه رهي سگهيو. 105 جي مجموعي اسڪور تي صرف 17 رنسون ٺاهي اظهر علي کي ليون طرفان پويلين موڪليو ويو، بعد ۾ امام الحق 70 ۽ فواد عالم 11 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا جڏهن ته محمد رضوان 0 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ساجد خان ۽ بابر اعظم اسڪور اڳتي وڌايو پر اها پارٽنرشپ گهڻي دير تائين قائم نه رهي ۽ بابر اعظم 55 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ساجد 21 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان کان پوءِ حسن علي 13 ۽ شاهين آفريدي 1 رنسون ٺاهيون. آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز نسيم شاهه جي وڪيٽ ڪيرائي ٽيم کي فتح تائين پهچايو ۽ آسٽريليا 115 رنسن تان ميچ کٽي ورتي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪراچي ۽ راولپنڊي ٽيسٽ ڊرا ٿي ويون هيون










