پاڪستان پروٽوڪول پوليس کي ڪير بچائيندو؟

پاڪستان پروٽوڪول پوليس کي ڪير بچائيندو؟

محمد خالد ميمڻ
ٻاهرين ملڪن ۾ پوليس کاتي جو قيام خاص طور ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ,ڏوهارين کي پڪڙي کين قانون موجب سزائون ڏئي عوام الناس کي تحفظ ڏيڻ هوندو آهي ۽ خود پوليس کاتي ۾ ملڪ جي قانون مطابق عمل ڪرڻ پڻ يقيني بڻايو ويندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ انهن ملڪن ۾ امن وامان جي صورتحال بهتر هوندي آهي پر بدقسمتي سان اسان جي ملڪ پاڪستان اندر جتي تقريبن هرکاتو بدانتظامي,ڪرپشن,سياسي مداخلت سبب تباه و برباد لڳو پيو آهي اتي ملڪ جو هي اهم پوليس کاتو به ان کان ناهي بچي سگهيو سڄي ملڪ پر خاص طور اسان جي سنڌ پوليس کي ”پروٽوڪول پوليس“ چئجي ته غلط نه هوندو ڇاڪاڻ ته اسان جي پوليس سياستدانن,ججن,وڏن آفيسرن,ڀوتارن سميت مختلف حڪومتي منظور نظر شخصيتن جي پروٽوڪول ۾ نظر اچي ٿي پئي ۽ باقي جيڪا پوليس بچي ٿي ان ۾ وري ويزا سسٽم تحت ماهوار 5 کان 10 هزار روپين جي عيوض هزارين عملدار گهر ويٺي پگهارون کڻڻ جا اطلاع آهن ۽ جيڪي پوليس ڊيوٽي تي آهي ته اهي ڪرپشن جو اعلي’ مثال قائم ڪندي نظر اچن ٿا پيا پوليس کاتي ۾ هر ڪم سوا پئسي جي ٿيڻ ڄڻ ته ناممڪن بڻيل آهي ان لاء ڀلي ته اوهان ڪيترا به مظلوم ڇونه هجو پر اوهان جي دادرسي سوا پيسن ۽ سياست سفارش جي ٿيڻ ممڪن ناهي جڏهن ته وري پوليس کاتي ۾ مقرريون ۽ بدليون وري سياستدانن جي هٿ وس هئڻ ڪري پوليس کاتي جا عملدار انهن جي در جا سلامي ٿيڻ تي مجبور آهن ۽ ظاهر ڳالھ آهي جيڪو سياسي ماڻھو ڪنهن پوليس عملدار جي مقرري يان بدلي ڪرائيندو ته وقت تي ان پوليس عملدار کان پنهنجا جائز ناجائز ڪم به ڪرائيندو ۽ پوليس عملدار کي ان جو هر ڪم مجبورن ڪرڻو ئي پوندو انهن سڀني خرابين سبب پوليس کاتو صرف نالي ۾ پوليس کاتو رهجي ويو آهي باقي ڪم زيرو لڳو پيو آهي ان جو تازو مثال اتر سنڌ جي شهر ميرپورماٿيلو ڀرسان پوليس ڪئمپ تي ڌاڙيلن جو ڪيل حملو آهي جنهن ۾ پوليس کاتي جا اعلي عملدار ڊي ايس پي,ايس ايڇ اوز سميت سپاهي شهيد ٿيا جڏهن ته ذريعن جي اطلاعن مطابق ڌاڙيلن پوليس جون بڪتربند گاڏيون,هٿيار,۽ سندن لاش به کڻي ويا هيا جيڪي بعد ۾ ڀوتارن جي ٽياڪڙي وسيلي مليا ان انتهائي افسوسناڪ واقعي کان اڳ به ڪيترائي دفعا پوليس تي ڌاڙيلن هلان ڪري کين نقصان ڏنو آهي ان کان اڳ به هڪ ڊي ايس پي ۽ ڪيترائي پوليس کاتي جا جوان ڌاڙيلن جي حملن سبب شهيد ٿيا آهن هاڻي سوچڻ جو مقام آهي ته جيڪا پوليس پنهنجو تحفظ نه ٿي ڪري سگهي اها عوام جي ڪهڙي حفاظت ڪندي ۽ ڇا اسان جي پوليس ائين ئي بي يارو مددگار ڌاڙيلن دهشتگردن هٿان شهيد ٿيندي رهندي؟ان لاء ملڪ جي اصل مالڪن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن اسان جي عوام جو تحفظ ڪندڙ ادارا به اگر ائين غيرمحفوظ هوندا ته پوء ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جو آخر ڇا ٿيندو ۽ اگر پوليس ائين صرف نالي ۾ هڪ کوکلو ادارو رهيو ته پوء ملڪ جا دشمن دهشتگرد ڌاڙيل طاقتور ٿي ڪري عوام کي لٽيندا رهندا ۽ ملڪ صوبن اندر گهرو ويڙھ شروع ٿي ويندي قانون جي حڪمراني ختم ٿي ويندي ۽ جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو نظام رهيو ته باقي ڇا بچندو ان لاء پاڪستان پر خاص طور سنڌ پوليس مان سياسي مداخلت,ڪرپشن ويزا سسٽم ختم ڪري پوليس کي بااختيار بڻائي ان جي مٿان وري هڪ صاف شفاف ايماندار آفيسرن تي مشتمل انويٽيگيشن ٽيمون مقرر ڪري پوليس تي به نظر رکي وڃي ۽ پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن کي نيڪالي ڏني وڃي ڇوته انهن سببن جي ڪري پوليس کاتو بدنام ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري روزانه پوليس کاتي جو ڪونه ڪو اسڪينڊل سامهون اچڻ معمول بڻيل آهن اسان جي سنڌ پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ بجائي رڳو سياستدانن ,ڀوتارن جي ڪمداري ڪندي نظر پئي اچي ۽ رڳو نشي واريون سوپاريون,وڏيرن ,سياستدانن جي چوڻ تي سندن مخالفن تي ڪيس داخل ڪري پڪڙي ايف آئي آرون داخل ڪري خانه پوري ڪري رهي آهي جڏهن ته منشيات جي اڏن تان هر ٿاڻي کي منٿلي ملڻ جا پڻ اطلاع آهن جنهن جي ڪري ڏوھ وڌي رهيا آهن ڏوهاري مضبوط ٿي ويا آهن ۽ عام عوام غيرمحفوظ آهن ان لاء سرڪار کي گهرجي ته پوليس کاتي کي بچائڻ لاء ڪي جوڳا اپاء وٺي ته جيئن پوليس کاتي تي عوام جو وڃايل اعتبار بحال ٿي سگهي ۽ پوليس کاتو پنهنجو پراڻو وقار بحال ڪري ڏوهارين کي قانون جي گرفت ۾ آڻي ڏوهن جو خاتمو ڪري ته جيئن سنڌ جو عوام سک سان رهي سگهي#

پهنجو تبصرو موڪليو