پاڪستان پاران افغانستان سان سفارتي لاڳاپا وڌائڻ جو اعلان

پاڪستان پاران افغانستان سان سفارتي لاڳاپا وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جمعي ڏينهن اعلان ڪيو ته افغانستان ۾ پنهنجي سفارتي نمائندگي کي چارج ڊي افئيرز مان وڌائي سفير جي سطح تي آڻي رهيو آهي، جيئن ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هڪ مثبت رخ ڏانهن وڌي رهيا آهن. پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي پنهنجن سفارتي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سفير مٽاسٽا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدم آهي، خاص ڪري، اسلام آباد ۽ ڪابل ۾ طالبان انتظاميا جي وچ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان لاڳاپا خراب هئا. پاڙيسري ملڪن وچ ۾ بارڊر تي بار بار جهڙپون ۽ اسلام آباد طرفان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي مطالبن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا. اسلام آباد الزام لڳايو ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف حملن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. جڏهن ته ڪابل انهن الزامن کي رد ڪندو رهيو. تازو سمجھوتو پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جي غير رسمي ٽرائليٽرل اجلاس دوران، هن مهيني جي شروعات ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيو. پاڪستان جي ڊپٽي پرائم منسٽر ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چين جي گاديءَ واري هنڌ ۾ افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي. ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ۾ ڊار چيو، “19 اپريل 2025 تي پاڪستاني وفد سان منهنجي ڪابل جي تمام فائديمند دوري کان پوءِ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مثبت رخ اختيار ڪري چڪا آهن. “هن رفتار کي برقرار رکڻ لاءِ، مون کي پاڪستان حڪومت طرفان خوشيءَ سان اعلان ڪرڻو آهي ته ڪابل ۾ پاڪستان جي چارج ڊي افئيرز جي سطح کي وڌائي سفير جي سطح تي ڪيو ويندو. “مون کي پڪ آهي ته هي قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ، معاشي، سلامتي، دهشتگردي جي روڪٿام، ۽ واپار جي ميدانن ۾ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو.” جيئن ته طالبان حڪومت 2021 کان وٺي ڪنهن ملڪ کان رسمي طور تي تسليم ٿيل ناهي، تنهن هوندي به پاڪستان، چين، متحده عرب امارات، ۽ روس ڪابل ۾ سفير رکندا آهن. چين ۽ متحده عرب امارات طالبان طرفان مقرر ڪيل سفيرن کي به قبول ڪيو آهي، جڏهن ته روس ماسڪو ۾ طالبان سفير کي قبول ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي. تازين سفارتي ڪوششن سان صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مارچ 2025 ۾ افغانستان لاءِ خاص نمائندو محمد صادق لڳ ڀڳ هڪ سال کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪابل ويو. ان کان پوءِ 19 اپريل تي ڊار جو اعليٰ سطحي دورو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن پنهنجي سرزمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ ۽ واپار جي سهولت بابت قدمن تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو