اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان علماءِ ڪائونسل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي قيام جي آجيان ڪئي آهي.چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي جو چوڻ آهي ته ڪائونسل جي قيام سان مالي ۽ معاشي صورتحال بهتر ٿيندي، سڄي دنيا جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ راغب ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته هو صحيح قدم کڻڻ تي وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا ٿورائتا آهن ۽ ڀرپور تعاون جو يقين ڏيارين ٿا.










