لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ٽيمن ۽ ٻين اثاثن جي ويليويشن جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي.ان مطابق، ايندڙ ڏهن سالن لاءِ نئين فيس سان فرنچائز معاهدن جي تجديد جي آڇ سڀني اهل پي ايس ايل فرنچائزز کي موڪلي وئي آهي، ٽيمن کي چيو ويو آهي ته اهي مقرر ڪيل آخري تاريخ اندر پي ايس ايل انتظاميا کي پنهنجن لاڳاپيل فيصلن کان آگاهه ڪن.ڏهن سالن جي فرنچائز معاهدن جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ، پي سي بي فرنچائز جي نمائندن ۽ چارٽرڊ فرم اي وائي مينا جي وچ ۾ گڏيل ۽ انفرادي ملاقاتن جو به بندوبست ڪيو آهي.انهن گڏجاڻين ۾، فرنچائز مالڪن کي ويليويشن جي طريقيڪار جو جائزو وٺڻ ۽ ان حوالي سان انهن جي ڪنهن به سوال کي واضح ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.ان کان علاوه، پي سي بي کي چارٽرڊ فرم اي وائي مينا کان ٻن نئين پي ايس ايل فرنچائز ٽيمن جي امڪاني قيمت تي رپورٽون پڻ مليون آهن. ٻنهي ٽيمن جي وڪري لاءِ ٽينڊر جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو.نئين فرنچائز خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙن کي حيدرآباد، سيالڪوٽ، مظفر آباد، فيصل آباد، گلگت ۽ راولپنڊي سميت پنهنجي ٽيمن جي نالي تي شهرن جو انتخاب ڏنو ويندو.پي سي بي انتظاميا پي ايس ايل جي سڀني ڀائيوارن سان منصفانه، شفاف ۽ باهمي طور تي فائديمند لاڳاپا برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ليگ پاڪستان ڪرڪيٽ جي ترقي ۽ عالمي سطح تي سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.










