غلام مصطفيٰ جمالي
هر قوم جي تاريخ ۾ ڪي اهڙا لمحا ايندا آهن، جڏهن لفظ خاموش ٿي ويندا آهن ۽ قربانيون پاڻ ڳالهائڻ لڳنديون آهن. پاڪستان به اهڙي ئي سرزمين آهي، جنهن جي امن، استحڪام ۽ خودمختياري جو بنياد لکين شهرين ۽ هزارين سيڪيورٽي اهلڪارن جي قربانين تي بيٺل آهي. جڏهن به وطن جا محافظ پنهنجون جانيون نڇاور ڪندا آهن ته رڳو چند خاندان ئي غم ۾ نه ٻڏندا آهن، پر سڄي قوم سوڳوار بڻجي ويندي آهي. بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ پوليس چوڪي تي ٿيل دهشتگرد حملي به هر پاڪستاني کي ڏکارو ڪري ڇڏيو. هن حملي ۾ پوليس جي بهادر اهلڪارن فرض نڀائيندي شهادت ماڻي، پر پنهنجي رت سان اهو به ثابت ڪري ويا ته پاڪستان جا محافظ هر حال ۾ وطن جي حفاظت ڪندا.
دهشتگردي رڳو گولي ۽ بارود جو نالو ناهي، پر اها خوف، بي يقيني ۽ انتشار ڦهلائڻ واري هڪ منظم سوچ آهي. دهشتگرد هميشه انهن هنڌن کي نشانو بڻائيندا آهن، جتان رياست جي رٽ، عوام جي اعتماد ۽ قومي يڪجهتي کي نقصان پهچي سگهي. پوليس چوڪين، فوجي قافلن، تعليمي ادارن، عبادتگاهن ۽ عوامي هنڌن تي حملا ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته ماڻهن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪيو وڃي ۽ رياست کي ڪمزور ڏيکاريو وڃي. پر پاڪستان جي تاريخ شاهد آهي ته هر وڏي حملي کان پوءِ قوم اڳ کان وڌيڪ متحد ٿي سامهون آئي آهي.
بلوچستان پاڪستان جو انتهائي اهم صوبو آهي. ان جون سرحدون، قدرتي وسيلا ۽ جاگرافيائي اهميت ان کي قومي سلامتي جي لحاظ کان خاص مقام ڏين ٿيون. ان ڪري ملڪ جا دشمن سالن کان هن صوبي ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. ڪڏهن دهشتگردي، ڪڏهن تخريبڪاري ۽ ڪڏهن ٻاهرين سرپرستي هيٺ هلندڙ نيٽ ورڪن وسيلي پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن. پر هر ڀيري سيڪيورٽي ادارن، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن ۽ مقامي ماڻهن گڏجي انهن سازشن کي ناڪام بڻايو آهي.
پوليس ڪنهن به رياست جي پهرين دفاعي ڀت هوندي آهي. جڏهن دهشتگرد ڪنهن شهر يا علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته سڀ کان اڳ پوليس ئي سندن سامهون بيهندي آهي. انهيءَ ڪري پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ دوران پوليس به فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. انهن اهلڪارن نه رڳو پنهنجو فرض ادا ڪيو، پر پنهنجي رت سان اهو به ثابت ڪيو ته وطن جي حفاظت صرف ذميواري نه، پر هڪ مقدس امانت آهي.
زيارت جي المناڪ واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ اڃا مڪمل طور ختم ناهي ٿي. جيتوڻيڪ گذريل سالن دوران پاڪستان دهشتگرد تنظيمن خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پر امن جا دشمن اڃا به موقعو ملندي ئي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙي صورتحال جو تقاضو آهي ته رڳو فوجي ڪارروائين تي ڀروسو نه ڪيو وڃي، پر انهن سببن تي به سنجيدگي سان ڌيان ڏنو وڃي، جيڪي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي جنم ڏين ٿا. مضبوط ڳجهي ڄاڻ، سرحدن جي بهتر نگراني، جديد پوليس نظام، تيز انصاف، نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار جا موقعا ۽ قومي يڪجهتي ئي اهي بنياد آهن، جن تي مستقل امن جي عمارت بيهي سگهي ٿي.
اها به حقيقت آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو رياستي ادارن جي ذميواري ناهي، پر سڄي قوم جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن ماڻهو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪندا آهن، شڪي سرگرمين بابت بروقت اطلاع ڏيندا آهن، نفرت ۽ تشدد واري سوچ کي رد ڪندا آهن ۽ قومي مفاد کي ذاتي يا سياسي اختلافن کان مٿانهون رکندا آهن، تڏهن دهشتگردن لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. قومي اتحاد اها طاقت آهي، جنهن کي ڪو به دشمن شڪست نٿو ڏئي سگهي.
شهيدن جي خاندانن جو ڏک لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هڪ ماءُ پنهنجو پٽ، هڪ زال پنهنجو مڙس ۽ ٻار پنهنجو پيءُ هميشه لاءِ وڃائي ويهندا آهن. اها اهڙي قرباني آهي، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي. رياست جي ذميواري آهي ته شهيدن جي وارثن جي مڪمل سار سنڀال ڪري، سندن ٻارن جي تعليم، علاج ۽ روشن مستقبل کي يقيني بڻائي ۽ کين اهو احساس ڏياري ته سڄي قوم سندن ساٿ ۾ بيٺل آهي.
بلوچستان جا ماڻهو هميشه امن جا خواهشمند رهيا آهن. هن صوبي جا قبائلي اڳواڻ، سياسي شخصيتون، مذهبي عالم، استاد، نوجوان ۽ عام شهري دهشتگردي کي رد ڪن ٿا. چند شرپسند ماڻهن جي ڪري سڄي صوبي کي بدنام ڪرڻ انصاف نه ٿيندو. بلوچستان ترقي، خوشحالي، تعليم، سيڙپڪاري ۽ امن جو حقدار آهي. جڏهن اتي رستا، اسڪول، اسپتال، صنعتون ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا ته دشمن لاءِ نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ به آسان نه رهندو.
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قومي سطح تي اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، جيڪا رڳو عارضي ردعمل تائين محدود نه هجي، پر مستقل امن کي يقيني بڻائي. جديد ٽيڪنالاجي، پوليس جي بهتر تربيت، ادارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ عوامي اعتماد ۾ اضافو دهشتگردي خلاف ڪامياب پاليسي جا اهم جزا آهن. پاڪستان ماضي ۾ به ڏکين حالتن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اڄ به سندس ادارا هر سازش کي ناڪام بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا.
تاريخ شاهد آهي ته اهي قومون ڪڏهن به شڪست نٿيون کائن، جيڪي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ياد رکن ٿيون ۽ سندن مشن کي اڳتي وڌائين ٿيون. پاڪستان جي محافظن هر دور ۾ پنهنجي رت سان هن ڌرتيءَ جي حفاظت ڪئي آهي. ڪڏهن برف سان ڍڪيل چوٽين تي، ڪڏهن تپندڙ ريگستانن ۾، ڪڏهن سرحدن تي ۽ ڪڏهن شهرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين ۾ هنن پنهنجي فرض جي ادائيگي ڪندي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. انهن جون قربانيون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته آزادي، امن ۽ استحڪام جي به هڪ قيمت هوندي آهي، ۽ اها قيمت اسان جا محافظ پنهنجي رت سان ادا ڪندا آهن.
زيارت جا شهيد به انهيءَ عظيم روايت جو حصو بڻجي ويا آهن. سندن رت پاڪستان جي ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ايندڙ نسلن کي اهو پيغام ڏيندو رهندو ته وطن جي حفاظت ايمان، حوصلي ۽ قرباني جو تقاضو ڪري ٿي. قوم کي گهرجي ته پنهنجن اختلافن کان مٿانهون ٿي انهن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري، رياستي ادارن تي اعتماد جو اظهار ڪري ۽ دهشتگردي جي هر سوچ ۽ هر سهولتڪار کي رد ڪري.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين رڳو تعزيتي بيانن تائين محدود نه رهون، پر عملي قدمن وسيلي اهڙو پاڪستان تعمير ڪريون، جتي قانون جي حڪمراني مضبوط هجي، انصاف بروقت ملي، نوجوانن کي روشن مستقبل نصيب ٿئي ۽ دشمن کي ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري جو موقعو نه ملي. اهو ئي شهيدن جي رت جو حقيقي احترام هوندو.
زيارت جي شهيدن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي قوم کي اهو پيغام ڏنو آهي ته وطن جو دفاع رڳو سرحدن تي نه، پر هر ان هنڌ تي ڪيو ويندو آهي، جتي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو وڃي. انهن جون قربانيون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن ۽ هميشه رهنديون. قوم کي يقين رکڻ گهرجي ته دهشتگردي جي اونداهي رات ڪيتري به ڊگهي ڇو نه هجي، ان جو انجام روشني ئي هوندو. پاڪستان اڳ به قائم هو، اڄ به مضبوط آهي ۽ سڀاڻي به پنهنجي بهادر سپوتن جي قربانين، عوام جي اتحاد ۽ رياست جي مضبوط عزم جي بدولت دشمن جي هر ناپاڪ ارادي کي ناڪام بڻائيندو رهندو. پاڪستان جي محافظن جو رت ڪڏهن به رائيگان نه ويندو، ڇاڪاڻتہ اهو ئي رت هن وطن جي آزادي، سلامتي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي.










