افغانستان تي حملن ۾7 ڪيمپون تباهه، 70 دهشتگرد مارجي ويا

افغانستان تي حملن ۾7 ڪيمپون تباهه، 70 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ واقع دهشتگردن جي ڪيمپن تي بمباري ڪئي آهي. جنهن ۾ طالبان ڪمانڊر اختر محمد سميت ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن. حڪومتي عملدارن موجب پاڪستان تازن خودڪش ڌماڪن کان پوءِ، جن ۾ اسلام آباد ۾ امام بارگاهه تي حملو، باجوڙ ۽ بنو جا واقعا شامل آهن، افغانستان سان سرحدي علائقي ۾ دهشتگردن جي7 ٺڪاڻن تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي     ڪارروائي ڪئي آهي.

گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي فضائي ڪارواين ۾ 70 جي لڳ ڀڳ دهشتگردن جي مارجڻ جا اطلاع آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان اوڀر افغانستان ۾ وڏي پيماني تي ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل هوائي ڪارروائي ڪئي آهي.
ذريعن موجب پڪتيڪا صوبي جي برمل ضلعي ۾ جيٽ جهازن دهشتگردن جي پناهه گاهن تي حملا ڪيا، جتي علائقي ۾ زور دار ڌماڪا ٻڌا ويا۔ دهشتگردن پاران استعمال ٿيندڙ سهولتن کي وڏو نقصان پهتو۔
افغان ميڊيا ٻڌايو آهي ته پڪتيڪا کان پوءِ ننگرهار صوبي جي خوگياني ضلعي ۾ به هوائي حملا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب جتي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ مبينا تربيت مرڪزن کي نشانو بڻايو ويو۔
افغانستان جي مرگه علائقي ۾ بنوسي مدرسه وٽ ڌماڪي ۾ ڏهن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا۔ اهو علائقو ڪمانڊر اختر محمد جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل ٻڌايو وڃي ٿو۔ جلال آباد جي ڪامي ضلعي ۾ به جيٽ جهازن ٻن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته هوائي گشت جاري رهيو۔
برمل ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڌماڪن سبب ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ذريعن موجب اختر محمد پڪتيا ۾ مارجي ويو۔ افغانستان جي ڪيترن علائقن ۾ بمباري سبب دهشتگردن جو ڍانچو تباهه ٿي ويو۔
طالبان جي ترجمان چيو ته حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن، پر آزاد ذريعن ان بيان جي تصديق نه ڪئي۔
افغانستان جي بچاءَ واري وزارت انهن حملن کي قومي خودمختياري جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو ته اهو عالمي قانون، سٺي پاڙيسري ۽ اسلامي قدرن جي خلاف ورزي آهي۔
افغان وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته “مناسب وقت تي مناسب ۽ ماپيل جواب ڏنو ويندو.”
آچر ڏينهن پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته پاڪستان وٽ “ٺوس ثبوت” موجود آهن ته تازا حملا، جن کي “خوارج” سڏيو ويو، افغانستان ۾ موجود قيادت جي هدايتن تي ڪيا ويا۔
وزارت چيو ته پاڪستان ۾ تازن خودڪش ڌماڪن، جن ۾ اسلام آباد جي امام بارگاهه، باجوڙ ۽ بنو جا واقعا جن ۾ بنو ۾ رمضان المبارڪ دوران ٿيل واقعو به شامل آهي، بابت واضح ثبوت آهن ته اهي ڪارروايون افغانستان ۾ ويٺل اڳواڻن ۽ سندن سهولتڪارن جي چوڻ تي خوارج پاران ڪيون ويون۔
وزارت اطلاعات موجبپاڪستان ۾ حملن جي ذميواري افغانستان ۾ موجود تحريڪ طالبان پاڪستان، سندن ساٿين ۽ اسلامي رياست خراسان صوبي جي ميمبرن قبول ڪئي آهي۔
پاڪستان چيو ته هن بار بار افغانستان جي عبوري طالبان اختيارين کي اپيل ڪئي ته دهشتگرد ٽولن کي افغان سرزمين استعمال ڪري حملا ڪرڻ کان روڪيو وڃي، پر ڪو “اثرائتو قدم” نه کنيو ويو۔
وزارت اطلاعات چيو ته ڪيترين ئي ڪوششن باوجود افغان طالبان حڪومت دهشتگرد ٽولن ۽ غير ملڪي سهولتڪارن کي افغان علائقي مان پاڪستان خلاف ڪارروايون ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪارروائي نه ڪئي۔
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم آهي، پر گهريلو سلامتي کي اوليت ڏيندو۔ “پاڪستان هميشه علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، پر پنهنجي شهرين جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي.”
“ان پس منظر ۾ پاڪستان جوابي ڪارروائي طور، سرحدي علائقي ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي چونڊيل طريقي سان پاڪستاني طالبان جي گروپ ۽ ان سان لاڳاپيل ڌڙن ۽ اسلامي رياست خراسان صوبي جي ست دهشتگرد ٺڪاڻن کي درستگي سان نشانو بڻايو آهي.”
بيان ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت تي زور ڀريو ويو ته پنهنجون ذميواريون نڀائي ۽ پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف حملن لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي۔
“پاڪستان اميد ڪري ٿو ۽ ورجائي ٿو ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي ذميوارين تي عمل ڪندي ۽ خوارج ۽ دهشتگردن کي پاڪستان خلاف پنهنجي زمين استعمال ڪرڻ نه ڏيندي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي عوام جي سلامتي سڀ کان اهم آهي.”
اسلام آباد عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته طالبان اختيارين تي زور ڀريو وڃي ته هو دوحا معاهدي هيٺ ڪيل واعدن جي پاسداري ڪن۔
بيان جي پڄاڻي ۾ چيو ويو ته عالمي برادري تعميري ڪردار ادا ڪري ۽ طالبان حڪومت کي پابند بڻائي ته هو پنهنجي سرزمين ٻين ملڪن خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي، جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ نهايت اهم آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو