پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اپاءَ وٺو، آمريڪا ۽ چين جو زور

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اپاءَ وٺو، آمريڪا ۽ چين جو زور

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ چين جي ترجمانن ڌار ڌار پنهنجي ملڪن جي گادي وارن شهرن ۾ ڪيل پريس ڪانفرنسز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت تي تحمل کان ڪم وٺڻ، ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ عملي اپاءَ وٺڻ لاءِ زور ڀريو آهي. دنيا جي ٻن وڏين معيشتن جي نمائندن جا هي بيان ان وقت آيا آهن، جڏهن 22 اپريل تي والاريل ڪشمير جي سياحتي مقام پهلگام ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 26 سياح مارجڻ بعد گذريل 4 ڏينهن کان ٻنهي ملڪن هڪٻئي خلاف اهم فيصلا ڪندي ڪنٽرول لائين تي هڪٻئي جي فوجي چوڪين تي فائرنگ جاري آهي. ڀارت هڪطرفي طور سنڌ طاس معاهدي تي عمل روڪڻ جو اعلان ڪندي بارڊر بند ڪرڻ ۽ پاڪستانين کي جاري ڪيل ويزا رد ڪندي پنهنجي شهرين کي پاڪستان مان واپس ڀارت اچڻ ۽ ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي ملڪ ڇڏڻ ۽ سفارتي عملو گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو. جوابي طور پاڪستان ڀارتي ايئرلائينز تي فضائي حدون بند ڪرڻ، تجارت ختم ڪرڻ سميت جوابي اپاءَ ورتا هئا. چين جي پرڏيهي وزير چيو آهي ته هو پاڪستان پاران دفاعي اپاءُ وٺڻ واري فيصلي جي حمايت ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو