پاڪ-ڀارت جنگ دوران 7 نوان خوبصورت جهاز ڪيرايا ويا، ٽرمپ

پاڪ-ڀارت جنگ دوران 7 نوان خوبصورت جهاز ڪيرايا ويا، ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان-ڀارت جنگ دوران 7 بلڪل نوان ۽ خوبصورت جهاز ڪيرايا ويا، ٻئي ملڪ ايٽمي طاقتون آهن، ٽرمپ اهو ٽوڪيو ۾ ڪاروباري اڳواڻن کي خطاب ۾ چيو، هن چيو ته گهڻيون جنگيون ٽيرف جي مدد سان روڪيون ويون ۽ هن طريقي سان هن دنيا جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي، صدر ٽرمپ چيو ته مون وزيراعظم نريندر مودي ۽ پاڪستان ۾ فيلڊ مارشل کي چيو ته جيڪڏهن توهان جنگ ڪندا ته آمريڪا توهان سان واپار نه ڪندو.هن چيو ته ايٽمي جنگ جي صورت ۾، ايٽمي ڌوڙ هر هنڌ پکڙجي ويندي، هر ڪو متاثر ٿيندو ۽ آمريڪا انهن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن اسان جنگ ڪندا ته اسان واپاري معاهدا نه ڪنداسين ۽ اهڙي طرح معاملو 24 ڪلاڪن اندر ختم ٿي ويو.ٽرمپ چيو ته اهو اصل ۾ حيران ڪندڙ هو ۽ اسان اهڙا ڪيترائي قدم کنيا آهن.صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جنگون روڪڻ جو 70 سيڪڙو واپار آهي، اسان پنهنجي دماغن کي استعمال ڪيو ڇاڪاڻ ته اهي اسان کان واپار چاهين ٿا ۽ اهو حيران ڪندڙ هو ته اهي آمريڪا سان ڪيتري جلدي معاهدا ڪرڻ جي قابل ٿي ويا.آمريڪي صدر چيو ته اهي 10 سال جنگ ڪندا ۽ لکين ماڻهو مارجي ويندا. اسان خوش آهيون ته جنگ بند ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو